اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي 8487 ??رب رپين جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏنو ويو آهي، واڌويجهه جي شرح جو هدف 4.8 سيڪڙو رکيو ويو آهي، گاڏين جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي و??ي آهي، جنهن تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12.5 سيڪڙو ڪرڻ ۽ گاڏين تي ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني و??ي آهي، موبائيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي بجيٽ جو ماپو 900 ??رب رپيا آهي، گهٽ کان گهٽ اجرت 20 هزار ماهوار مقرر ڪئي و??ي آهي، اوڳاڙين جو ??اٿ?? 7909 ??رب رپيا رکڻ جي تجويز آهي جيڪو گذريل سال جي نظرثاني ٿيل 6395 ??رب رپين جي ماپي جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نان ٽيڪس روينيو ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، مجموعي سبسڊيز جو ??اٿ?? 682 ??رب رپيا لڳايو ويو آهي، احساس پروگرام جي لاءِ 660 ??رب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، زراعت، چوپائي مال سميت مختلف شعبن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي.