اسلام آباد – 28 جو??اء?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته شاگردن کي سستي ۽ آسان تعليم جي فراهمي جي ??اء?? هائبرڊ تعليم جي حصي ۾ اضافو ڪن، سائبر وار فيئر سان پيدا ٿيندڙ مستقبل جي سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ ??اء?? شاگردن کي جديد آءِ ٽي صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. هو ايوان صدر ۾ پاڪستان انسٽ??ٽي??ٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. پاڪستان انسٽ??ٽي??ٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين محمد نعيم، ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا، ڊينز ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا ملڪ ۾ پيشيوراڻي تعليم جي فروغ ۾ اداري جي ڪردار ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته انسٽ??ٽي??ٽ مختلف شعبن ۾ تعليمي ۽ تربيتي پروگر??م منعقد ڪري رهيو آهي، فزڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جهڙن شعبن ۾ 5000 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪ??ي چڪا آهن. صدر انسٽ??ٽي??ٽ جي ڪاميابين خاص طور تي ملڪ جي سائنسي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته يونيورسٽيون تحقيق جو ميدان وسيع ڪرڻ ۽ جديد دور جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي ??اء?? شاگردن جي فڪري ترقي تي ڌيان ڏين. صدر يونيورسٽي انتظاميه تي زور ڏنو ته هو شاگردن جو تعداد وڌائي ته جئين هو ملڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، هن چيو ته سٺي شهرت جي عالمي يونيورسٽين جي مهارت، تحقيق مان فائدو کڻڻ ??اء?? تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.