اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي، اسان اف??انستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن تي اف??انستان ۾ سمورن گروپن جو اتفاق هجي، اف??انستان جي اندر فيصلي سازي جو اختيار اف??ان عوام جو حق آهي. اها ڳالهه هن ٽي ??ر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان اف??انستان جي معاملي تي چين، ترڪي، آمريڪا، برطانيه سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آ??يون، خطي جا ملڪ اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام لاء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪر?? جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اف??انستان کي استحڪام طرف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان مثبت صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان طالبان ۽ آمريڪا کي ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني جو رويو درست نه هو. هن چيو ته اسان جو طالبان تي ڪنٽرول نه آهي ۽ نه ئي اسان وٽ طالبان جي حوالي سان فيصلو ڪر?? جو ڪو اختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اف??ان طالبان جي ترجمان پاران اهو بيان ته اف??انستان جي سرزمين ڪنهن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪر?? جي اجازت نه ڏني ويندي، خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڀارت اف??انستان ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو، ان جو هاڻي خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته اف??انستان جي حوالي سان اسان جو بنيادي شرط آهي ته اف??انستان جي سرزمين ڪنهن به ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪر?? جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪنهن به قيمت تي اف??انستان کي عالمي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو ويندو.