اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گهر?? وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪ??و. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ گهر?? وزير جي رهائشگاهه تي ان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ چين ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهر?? وزير چيني سفير ۽ ٻين تي سفارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي گهر?? وزير چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته گهر?? وزارت افغانستان مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ ??هت?? بڻائينداسين. ان موقعي تي چيني سفير چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي??ن آهن. چيني شهرين ۽ ڪمپنين لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.