دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته افغانستان جي صورتحال تي تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان افغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پ??هنجو ڪردار ادا ڪن، اها ڳالهه هن وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي ٻي ڏينهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? ته وزيراعظم اڄ دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد ي??سف ۽ پاڪستاني سفير به هتي موجود آهن. هن ٻڌايو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدارتي محل ويندو جتي تاجڪستان جي صدر سان ڳالهيون ٿينديون، هن چي?? ته افغانستان جي صورتحال ۾ تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان ٻئي ڀائر ملڪ ??فغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پ??هنجو ڪردار ادا ڪن.