اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلما?? جي دعوت تي س??ودي عرب جي ٽن ڏينه?? جي دوري تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحولياتي تبديلين وارو خاص معاون ملڪ امين اسلم پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماحولياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فطري حل بابت پاڪستا?? جي تجربن کي پڻ اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي. وچ اوڀر خطي جي حوالي س??ن اهڙي قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي قيادت سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ??ندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستاني?? جي ڀلائي، پاڪستاني پورهيت?? جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ??ي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪنديون. وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي س??ن تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري س??ن تعلق رکندڙ ناليوار?? سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ??ندو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آه?? جيڪي ٻنهي ملڪ?? جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن. وزيراعظم عمران خا?? جي دوري س??ن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.