اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپل??پا??ٽي بلدياتي ادارن کي مفلوج بڻائي نظام هلائڻ چاهي ٿي، اهو ڪارو قانون آهي، اڄ ملڪ جون جيڪي مع??شي حالتون آهن ان جو ذميدار بلاول جو والد زرداري آهي، بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته زرداري ملڪي ناڻي کي بي دردي سان لُٽيو، جعلي اڪائونٽس ??اه??ا، مني لانڊرنگ ڪئي، پيپل??پا??ٽي علائقائي پارٽي بڻجي چڪي آهي، هاڻي سنڌ مان به پيپل??پا??ٽي جو صفايو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته 13 سان کان پيپل??پا??ٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، پر ڪو به هڪ وڏو منصوبو سنڌ جي عوام کي نه ڏئي سگهي، گرين لائين بس، سرڪلر ٽرين، نالن جي صفائي، سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي ترقي جي منصوبن تي به وفاق ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. سنڌ جي عوام بلاول، زرداري ۽ ڪڻڪ چورن کان ڇوٽڪاري چ??هي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته انهن ڪوئن جو ڇا ڪيو جيڪي اربين روپين جي ڪڻڪ کائي ويا آهن، پيپل??پا??ٽي حڪومت سنڌ جي عوام کي وڌيڪ اگهه ??ٺندڙ، ٽينڪر مافيا، ڏوهاري پيشيور ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ جيڪڏهن اٽو ۽ ڪڻڪ سڀ کان مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي ته اهو سنڌ جو علائقو آهي، پيپل??پا??ٽي جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ڪري ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي مقامي ماڻهن جو حق ماريو آهي.