اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته غير ملڪي سيڙپڪارن کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي آزاداڻي سيڙپڪاري ن??ام سان غير ملڪي ڪاروباري ماڻهن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي. هو برطانيه جي ڪاروباري وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدرچيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرُڪشش مقام آهي ۽ هتي سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، غير ملڪي سيڙپڪار ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻن. هن چيو ته ملڪ جي آزاداڻي سيڙپڪاري ن??ام سان غير ملڪي ڪاروباري ماڻهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ بهترين معاشي ۽ واپاري لاڳاپا آهن، برطانيه جا ڪاروباري ماڻهو معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن چيو ته حڪومت خصو??ي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ مراعتون فراهم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي پُرڪشش مراعتن جي فراهمي جي ذريعي خصوصي زون?? ۾ ??يڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي.