اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان ??يب اهلڪار جي سزا برقرار رکي آهي. صدر ??يب اهلڪار جي ڪرپشن جي لاءِ سرڪاري معلومات ليڪ ڪرڻ تي سزا جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??يب سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي ڪيسز ۾ ملوث ٻين آفيسرن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري، افسوس جو بدعنواني ج?? خاتمي لاءِ ذميوار اداري ??يب جي اندر ئي ڪرپشن ڪئي وئي، تفصيل موجب ??يب جي اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري (بي ايس 16)، نعمان اقبال، غيرقانوني طور تي غيرمجاز ماڻهن کي سرڪاري معلومات ڏني، انڪوائري ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اهلڪار کي 5 سال جي لاءِ هيٺئين پوسٽ تي تنزلي ج?? سزا ڏني وئي. ??يب اهلڪار سزا جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري رک?? هئي. ??يب ڪراچي سورس رپورٽ جي بنياد تي انڪوائري ج?? اپيل ڪندڙ جي موبائيل مان ڳجهو رڪارڊ مليو. ??يب اهلڪار جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ دستاويزن سان پڻ ڏوهه ثابت ٿيو. ??يب نعمان اقبال جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئ?? هئي. انڪوائري ڪميٽي درخواستگذار کي ب??ان??ظامي ۽ سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي الزام ۾ قصوروار قرار ڏنو. نعمان اقبال ??يب اييمپلائيز سروسز رولز تحت صدر کي سزا جي خلاف اپيل داخل ڪئي. صدر چيو ته ??يب اهلڪار فيصلي ج?? خلاف ڪو معقول سبب يا اضافي ج??از فراهم نه ڪيو، اهڙي ماڻهو جي لاءِ 5 سال جي سزا انصاف ن?? آهي، سزا وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي ها. صدر اپيل رد ڪندي چيو ته ??يب معاملي ۾ ملوث بين آفيسرن جو قصور ثابت ٿيڻ تي انهن کي دوکيبازي، ملڪ جو تشخص خراب ڪرڻ تي سزا ڏي.