اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي ??ان اسلام آباد ه??ءِ ڪورٽ جي فيصلي ??ي خلاف ايف آءِ اي جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آ??ي ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٿي جيڪا حڪومتي پ??ليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خلاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ مون کي ڪجهه دير اڳ خبر پئي ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي ??ان اسلام آباد ه??ءِ ڪورٽ جي فيصلي ??ي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي بحال ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته ڄاڻايل پٽي??ن حڪومت جي پ??ليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خلاف آهي، تنهن ڪري ان کي واپس ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم درخواست داخل ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، بدقسمتي سان درخواست داخل ٿيڻ جي خبر اسان تائين پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ڇو ته اسان ٻنپهرن جي وقت بشام ۾ هئاسين جتي ڪي موبائيل سنگل نه هئا.