اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ??ائ??نسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ??ائ??نسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ??ائ??نسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي و??رو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي و??رو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار و??رو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات و??رو وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ??ائ??نسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ??ائ??نسل جي ميمبر طور منظور ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي و??رو وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي و??رو سينيئر وزير نور محمد دمڙ بطور ميمبر مقرر ڪيا ويا آه??. پ??اننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي و??رو س??ڪر??ٽري، اقتصادي معاملن و??رو س??ڪر??ٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن و??رو س??ڪر??ٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ??ائ??نسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ??ائ??نسل جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ??ائ??نسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.