اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سا?? ملهائڻ گهرجي ته ڪشميرين ک?? ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو سا?? نه ڇڏينداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سا?? اي پي پي سا?? خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته استحصال ڏهاڙو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته پاڪستان سميت سڄي عالمي برادري ڪشميرين ج?? ڀارتي ظلمن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سا?? ملهائڻو پوندو ته اسان مظلوم ڪشميرين ج?? ڀارتي ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو سا?? نه ڇڏينداسين ۽ نه ئي ڪنهن قرباني کان ڪيٻائينداسين. هن چيو ته اسان عالمي براد??ي کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميرين ت?? ڀارتي ظلمن ۽ ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي ن??ل ڪشي جو انسانيت جي ن??طي نوٽيس وٺي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين سا?? رکيو ويندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تمام وڏو انساني الميو آهي ان تي عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو.