اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آ??ي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ ??و هڪ طرفو قدم غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آه??، عالمي برادري ڪشميرين جي حقن لاءِ خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ ”استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي حڪومت جو 5 آگسٽ 2019ع جو ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ??و هڪطرفو غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آه??، ڪشمير ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آه??، گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته هن مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڪشمير جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن ۽ ڀارت جهڙي طرح ڪشميرين جي آزادي ۽ خودمختياري کي سلب ڪري ۽ ان جو استحصال ڪيو آه?? ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آه??. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج ڪشمير جي گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي رهي آه??، ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي انگ ۾ ڪشميري گم ٿي رهيا آه??. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير بابت خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب انهن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سدائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو ساٿ ڏنو آه?? ۽ آخري دم تائين ڏيندا رهنداسين. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ڪشميرين جي انساني حقن ۽ انهن جي شخصي آزادي، احساسن ۽ جذبن جو خيال ڪري ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي غيرآئيني قدم کي واپس وٺي. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ڪمزور ٿيڻ واري نه آه?? ۽ ان جي آزادي جي تڙپ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو.