نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ?? ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير جي پ?? ڪوفوڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڊينمارڪ ?? ??اڪ??تان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو ا??هار ڪيو. ??اڪ??تان ڊينمارڪ کي هڪ اهم ٻطرفي پارٽنر سان گڏوگڏ يو??پي يونين جي هڪ اهم ميمبر طور اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ڊينمارڪ سان ??اڪ??تان جي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ا??هار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڊينمارڪ ??اڪ??تان کي اقتصادي طور تي خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڊينمارڪ جون ڪمپنيون ??اڪ??تان ۾ قابل تجديد توانائي جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش رکن ٿيون. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغانستان کي نه وسارڻ گهرجي ۽ افغانستان کي درپيش سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪ??تان افغانستان جي عوام لاءِ انساني امداد جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف به ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??اڪ??تان ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ ڊينمارڪ جي امداد کي به ساراهيو.