اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪ??يون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيدن جي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر ح??دثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر منيب افضل جي والد ۽ ميجر خرم شهزاد جي ڀاءُ سان تعزيت ڪئي. صدر ح??دثي ۾ شهيد ٿيندڙ صوب??دا?? عبدالواحد، نائيڪ جليل انجم، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب خان جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر ??ارف علوي اتر وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ صوب??دا?? جاويد اقبال ۽ نائيڪ حسين احمد جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي. صدر ڏکڻ وزيرستان ۾ فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ نائيڪ عبدالرشيد ۽ سپاهي رسول بادشاهه جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪ??يون ٿا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.