اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا جي مسجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ۽ مٿو ڍڪي عورتن کي نماز پڙهڻ جي اجازت آهي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آهي پر مرڪ??ي هال ۾ نه ته عورتن جي لاءِ نماز جي جدا جڳهه آ??ي نه ئي ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپٽمبر جي خصوصي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو جنهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي نماز پڙهڻ تي پابندي، صفائي ۽ سارسنڀال جي ناقص صورتحال ۽ مسجد جي اڱڻ ۾ پينو فقيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چيو ته ضعيف ۽ بيمار عورتن کي لفٽ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن سوال ڪيو ته انهن پابندين کي منهن ڏيندي عورتون پنه??جي نماز ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منه??جي راءِ ۾ عورتن کي مرڪ??ي هال ۾ مخصوص جڳهه تي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، عورتن کي ان عظيم مسجد جي تعميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي لاءِ مرڪ??ي هال ۾ وڃڻ جي به اجازت هجڻ گهرجي. صدر چيو ته منه??جي اها راءِ حرمين شريفن سميت پوري دنيا جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي پنه??جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته صورتحال جي بهتري لاءِ قدم شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي پاليسي تحت صرف هڪ گيلري عورتن جي لاءِ مخوص آهي، مرڪ??ي هال ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه آ??ي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مسجد جا منتظم انهن مسئلن تي وڌيڪ وضاحت ڪن.