اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ال??ي امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تباهي آڻيندڙ جنگي حڪمت عملين کان پاسو ڪر?? ۽ پرامن حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي ترجيح هٿيارن ۽ هٿياربند فوج تي کربين ڊالر خرچ ڪر?? بدران موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ، بک، غربت، وبائي مرضن، بيمارين ۽ ناخواندگي جهڙن ??ال??ي مسئلن کي منهن ڏيڻ گهرجي، دنيا کي بک، غربت ۽ ناخواندگي جهڙا چئلينجز درپيش اهن جنهن تي اٽڪل هڪ ٽريلين ڊالر خرچ ڪري ضابطو آڻي سگهجي ٿو جيڪو ترقي يافته دنيا جي فوجي خرچن کان تمام گهٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ تربيت هيٺ غيرملڪي فوجي آفيسرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي ڇو ته اهو رڳو انسانيت جي لاءِ تباهي ۽ مصيبتون آڻي ٿي. هن ڳالهين ۽ مفاهمت جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ??ال??ي ۽ علائقائي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته جنگين دنيا جي مختلف خطن ۾ تباهي مچائي آهي ۽ خاص طور تي وچ اوڀر ۽ آفريقا ٻين ملڪن پاران مڙهيل جنگين ۽ گ??يل تڪرارن جي ڪري تباهي جو شڪار ٿيا آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا ۾ پولرائيزيشن ۽ ٻيهر صف بندي ٿي رهي آهي ۽ اسرندڙ م??ڪن کي ??ال??ي دشمنين ۾ غيرجانبدار رهڻ گهرجي. علائقائي تعاون بابت ڳالهه ڪندي صدر چيو ته آسيان جهڙيون ٻيون علائقائي تنظيمون اقتصادي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ ۾ تمام موثر ۽ ڪامياب آهن پر افسوس آهي ته ڀارت جي ڏاڍ واري رويي ۽ خطي جي ٻين ننڍن ملڪن تي بالادستي قائم ڪر?? جي ان جي خواهش جي ڪري سارڪ پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي پر بدقسمتي سان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد نه ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي ۽ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهري آبادي جي خلاف ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ڪري رهيو آهي. هن ??ال??ي برادري تي زور ڏنو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۾ مدد ڪري. صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين ۽ قربانين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي شڪست ڏني. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا پاڪستان جو سڀ کان قديم ۽ پريميئر فوجي تربيتي ادارو آهي، هن وقت مختلف دوست ملڪن جا فوجي آفيسر هن ڪاليج ۾ تربيت هيٺ آهن جن ايوان صدر جو دورو ڪيو.