اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فوج ۽ ان جي سربراهه جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جي خلاف مهم ناقابل برداشت ۽ ادارن جي خلاف سازش جو تسلسل آهي، ٻاهرئين ملڪ محب وطن پاڪستاني فارن فنڊ مهم جي خلاف آواز اٿارين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ذريعي زهريلي سياست کي ڦهلايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ان سازش جو حصو نه بڻجن، عمران خان ادارن ۽ ان جي سربراهن کي پنهنجي گندي سياست ۾ گهلي آئين شڪني ڪري ??هيو آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گهرو وزير ملڪ جي اندر ادارن جي خلاف غليظ مهم هلائيندڙن کي سختي سان منهن ڏي. پاڪستان ۾ افراتفري، فساد ۽ بغاوت کي هوا ڏيندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ميرٽ تي مقرر ٿيندڙ آرمي چيف جي خلاف مهم ملڪ دش??نن جي ايجنڊا ئي ٿي سگهي ٿي، قوم پنهنجي ادارن سان گڏ آهي، شرپسندن جي خلاف متحد آهي.