ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽ?? جي سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر جمهوريت آئين ۽ جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي، بي پناهه مشڪلاتُون ۽ المناڪ صدما برداشت ڪيا پر جمهوريت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو جهڪڻ نه ڏنو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽ?? بي مثال صبر، جرئت ۽ مفاهمت جو استعارو هئي، سندس ذڪر کانسواءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ اڻ مڪمل آهي. بلاول هائوس ميديا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بيگم نصرت ڀٽ?? جي 94 هين ولادت جي ڏهاڙي تي بلاول ڀٽ??زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀٽ?? بهادر ۽ مدبر عورت ۽ پروقار شخصيت جي مالڪ هئي. هوءَ هر قسم جي حالتن ۾قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽ?? سان گڏ بيٺل رهي. هن چ??و ته بيگم نصرت ڀٽ?? ملڪ جي پهرين چ??نڊيل وزيراعظم جي عدالتي قتل کانپوءِ جهڙي طرح پنهنجي ذاتي ڏک ۽ مصيبتن کي وساري قوم جي وسيع تر مفاد ??ي مٿانهون رکندي آمريت جي خلاف جدوجهد ڪئي، تاريخ ڪڏهن نه وساريندي. هن چ??و ته بيگم نصرت ڀٽ?? جي جدوجهد ۽ قربانيون اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽ?? هر جيالي ۽ پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي.