اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ج?? وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان گڏيل عرب امارا?? سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات بائيو ٽيڪ جي چيئرمين ۽ گڏيل عرب امارات ج?? حڪمران خاندان جي ميمبر شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ج?? وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گڏيل عرب امارا?? سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزير??عظ?? حيات بائيو ٽيڪ پاران پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر خاص طور ت?? ويڪسين جي تياري ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن دورو ڪندڙ وفد کي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب پڻ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئ?? ويندي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان آگاهه آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات توانائي ۽ صحت ج?? شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات ج?? سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. معزز مهمان وزير??عظ?? کي سنڌ حڪومت ج?? تعاون سان شروع ڪيل 1200 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ منصوبي بابت پڻ ٻڌايو جيڪو شمسي ۽ هوا سان توانائي جو هڪ هائبرڊ پاور پلانٽ هوندو. ان موقعي تي ??اڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، نيشنل هيلٿ سروسز وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، وزير??عظ?? جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.