اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندر پاڪ فوج جي جوانن کي خراج ع??يد?? پيش ڪندي چيو آ??ي ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعم دردوني ضلعي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن حوالدار سليم خان، نائيڪ جاويد اقبال، سپاهي نذير خان، سپاهي حضرت بلال، سپاهي سيد رجب حسين ۽ سپاهي بسم الله جان کي خراج ع??يد?? پيش ڪيو، شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي رستي ۾ شيهي جي ديوار آهي?? پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.