اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ?? روسي فيڊريش?? جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور (سڀاڻي) اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندو. روسي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير اينڊري روڊينڪو ڪندو جيڪو 20 ۽ 21 جون تي اسلام آباد جو دورو ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني ??فد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ تعاو?? جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعب?? جي نشاندهي ڪنديون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪستان ?? روس جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻئي ملڪ هن سال سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.