اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) حڪومت ??اڪ??تان قونصلر رسائي بابت 2008ع جي معاهدي جي شقن موجب ??اڪ??تان ۾ موجود 308 ڀارتي قيدين (42 سويلين ۽ 266 مهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد ??اڪ??تانين جي فهرست نئين دهلي ۾ ??اڪ??تاني هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ ڪل 417 ??اڪ??تاني (343 شهري ۽ 74 مهاڻا) قيد?? آهن، بيان موجب ??اڪ??تان ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو انهن سمورن ??اڪ??تاني شهري قيدين ۽ ماهيگيرن کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪ?? آهي. ??اڪ??تان ۽ ڀارت هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪندا آهن. هي مٽاسٽا قونصلر رسائي جي معاه??ي تحت ٿيند?? آهي جنهن تي 21 مئي 2008ع تي صحيحيون ٿيون هيون.