اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ڪيئر ??ينٽرز بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ڪيئر ??ينٽرز جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارن ادارن ۾ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائين??ي. ??يوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر ??ينٽرز بل 2023ع تحت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارا نجي ادارا به ملازمن جي سهولت لاءِ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگ??بو. وڌيڪ عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهي??ا قيد جي سزا به ڏئي سگ??بي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.