اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ا??و قابل رشڪ ۽ فخر جوڳي محسن علي جي ڪاميابي جي ڪهاڻي ئي نه پر تعليم جي ذريعي نوجوانن جي زندگي ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي ولولي انگيز ويزن ۽ سوچ جي ڪاميابي جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي ڳوٺ ميان رحيما جي ان قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي پاڪستان جي نوجوانن کي ??اميابي جو راز سمجهايو. پنجاب جي وڏي وزير طور شهباز شريف محسن علي جهڙي سوين ذهين پر غريب نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جي سرپرستي ڪئي، تعليمي وظيفا، ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏيئي انهن جي حوصلا افزائي ۽ سرپرستي ڪئي جيڪي اڄ قائد محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي يوٿ پروگرام جي ڪاميابي جا روشن ستارا بڻجي چڪا آهن ۽ ان ويزن جي ڪاميابي جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ محسن علي انهي ميو ڪاليج لاهور ۾ ليڪچرار آهي جنهن جي ويجهو موجود تندور ۾ هو مانيون لڳائي پنهنجي خاندان جي لاءِ حلال رزق ڪمائي رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ محسن علي کي ??روڙين پاڪس??ان??ن جي آڏو ڇاتي سان لڳائي شاباس ڏني. هڪ شاباس نواز شريف ۽ شهباز شريف کي به ملڻ گهرجي جن جي ويزن محسن علي ۽ ان جهڙن سوين غريبن کي ??اميابي جي ان منزل تائين پهچڻ ۽ پنهنجا خواب سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ عملي مدد ڪئي، اهو هوندو آهي ويزن، اها هوندي آهي عوام جي چونڊيل قيادت.