اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ اردن جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پا??ست??ن اردن سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پا??ست??ن ۾ اردن جي ع??دو ڇڏيندڙ سفير ابراهيم يالا المدني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفادن جي لاءِ اردن سان اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌي?? ويجهو آڻ?? جي لاءِ سياسي، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا تي زور ڏنو. صدر اردن جي امن ڪوششن ۽ سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان فلسطين جي مسئلي جي حمايت کي ساراهيو. هن فلسطين جي ع??ام جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پا??ست??ن جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عالمي برادري پاران اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ هڪ ٻئي جي مذهب جي گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اردن جي ع??دو ڇڏيندڙ سفير جي پا??ست??ن ۾ قيام دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.