لاهور-06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ??ڊن?? اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. پاڪستان ??ڊن?? اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ هيپاٽائٽس سي آگاهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن کي ڀليڪار چوان ٿو، پي ڪي اي?? آءِ 2015ع ۾ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي، يونيورسٽي جي قيام هڪ وڏو منصوبو آهي، 2018ع ۾ پي ڪي اي?? آءِ جي پڄاڻي ٿي، پروفيسر سعيد اختر پي ڪي ايل اءِ لاءِ گهڻي محنت ڪئي، ڊاڪٽر سعيد جي سربراهي ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جي شروعات ڪئي. هن چيو ته امير ۽ غريب ۾ بنا فرق جي پي ڪي اي?? آءِ ۾ علاج ڪيو ويندو آهي، مريضن لاءِ پي ڪي اي?? آءِ هڪ اميد جي ڪرڻو آهي، پي ڪي اي?? آءِ کي جديد خطوط تي عالمي معيار جي مطابق بڻايو ويو. هن چيو ته هيپاٽائٽس جي روڪٿام لاءِ وفاق صوبن کي فنڊز فراهم ڪندي. ان قدمن جو مقصد مريضن کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ آهي، سرندي وارا به فنڊز ۽ دوائون اداري کي فراهم ڪندا. وزيراعظم چيو ته پي ڪي اي?? آءِ جي ڊاڪٽرز ۽ عملو بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، هيپاٽائٽس جي روڪٿام لاءِ آگاهي مهم گهڻي ضروري آهي، پي ڪي ايل لاءِ ٽرسٽ فنڊز ۾ 15 ارب روپيا گڏ ٿيا آهن.