اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي ??عبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪومت معيشت جي ??ستحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قائم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ??يڪريٽري عملدرآمد جهانزيب خان ۽ سيڪريٽري جميل احمد قريشي بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ايس آئي ايف سي تحت ٻاهريون سرمايو وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن جي ??هولت لاءِ حڪومت جي ??ڪمت ??مل?? بابت ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ان حڪمت ??مل?? تحت سيڙپڪارن کي منصوبن جي لاءِ ون ونڊو سهولت ڏني ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ??هتري لاءِ ايس آئي ايف سي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي، سياحت ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ پڻ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??مام گهڻي صلاحيت آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ڇتري هيٺ انهن شعبن جي ??رقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ عالمي معيار جو انفراسٽرڪچر اهميت رکي ٿو. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان جي ??وانائي شعبي جي ??هتري لاءِ ريگيوليٽري اسٽرڪچر کي موجوده دور جي ??المي ??هر??ن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي ??عبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪومت ايس آئي ايف سي جي فورم جو ڀرپور استعمال يقيني بڻائيندي، نگران حڪومت پنهنجي مختصر حڪومت جي ??ور ۾ پنهنجون سموريون توانائيون پاڪستان جي معيشت جي ??ستحڪام ۽ ترقي تي لڳائيندي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ هڪ اميد جو ڪِرڻو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جهانزيب خان ۽ جميل احمد قريشي جي ??يس آئي ايف سي تحت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.