اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بن??ادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، قائد?? ۽ ??ابطن ۾ سنگين خلاف ورزي جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته آئين تحت نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، ان جي بن??ادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪ??ڻ ۽ نگراني ڪرڻ آهي ۽ اها آئيني گهرج آهي، نگران حڪومت وٽ روزاني جي حڪومتي معاملن جي نگراني جو اختيار آهي، اسان حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، معمول جي پاليسين تي عمل پيرا رهنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکنداسين، قاعد?? ۽ ??ابطن ۾ سنگين خلاف ورزين جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. قومي اسيمبلي آئيني مدو مڪمل ڪري تحليل ٿي چڪي آهي، چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، پارليامينٽ جو ايوان ڪم ڪري رهيو آهي، جيستائين قومي اسيمبلي جو ايوان نه ٿو اچي ته قانونسازي نٿي ٿي سگهي، سڀني وزيرن کي پنهنجي وزارتن پاران بريفنگ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ايندڙ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا جو فيصلو بريفنگ جي بن??اد تي ڪيو ويندو.