اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسا?? جو بنيادي مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن جي مقرر تاريخ تي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي، اسان هڪ ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اسان ڪنهن اهم آئيني عهدي جي خلاف چڙهائي نه ٿا ??ري سگهون، نه ا?? جو حصو بڻجي سگهون ٿا، اسان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين، گذريل حڪومت سياسي اتحاد ٺاهي هئي، ان دور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي وضاحت انهن کي پاڻ ڪرڻ گهرجي، اسا?? جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي. نجي ٽي وي چي??ل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته بجلي، گئس ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافي جو پتو آهي، گذريل ڏينهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي جنهن جي ڪري معاشي مشڪلاتون پيدا ٿيون. هن چيو ته ايندڙ هفتي اسان معاشي بحالي جو منصوبو ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وفاقي ڪابينا ۾ شامل سموريون شخصيتون پنهنجي پنهنجي شعب?? جون ماهر آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو ان کان بهتر حالت ۾ ڏئي وڃون، اسان کي ڪفايت شعاري سميت اهم قدم کڻڻا پوندا جنهن سان معيشت بحال ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته اهو اسا?? جو ڪم نه آهي ته ڪنهن جي حق يا مخالفت ۾ عدالتي معاملن ۾ مداخلت ڪريون، ڊڄڻ انهن ماڻهن کي گهرجي جيڪي قانون ۽ آئين جي خلاف ڪم ڪن ٿا، اسان آئين ۽ قانو?? جو احترام ڪريون ٿا. 9 مئي سانحي جي ح??ال?? سان سوال تي هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي اهڙو عمل ناهي ڪيو جيڪو 9 مئي تي ٿيو، 9 مئي سانحي سان جمهوريت مضبوط نه ڪمزور ٿي آهي، 9 مئي سانحي تي فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي جنه?? جو اسان کي احترام آهي، انصاف ئي اسا?? جو ڇوٽڪارو آهي، انتقام اسا?? جو ڇوٽڪارو نه آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي پاڪستاني شهرين جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ح??ال?? سان بيان بابت سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.