لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻا??رئ??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ناليواري برطانوي پاڪستاني واپارين جي وفد پاڪستان هائوس ۾ ملاقات ڪئي. نگران وز??راعظم نگران حڪومت پاران ڪيل سڌارن جي نتيجي ۾ مثبت معاشي اشارن کي اجاگر ڪيو ??ن ۾ پاڪستاني رپيو مستحڪم ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ متوقع اقتصادي ترقي کي مضبوط ڪرڻ پڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته درآمدي پابندين جي خاتمي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتمادل بحال ڪرڻ جي ڪوششن سان ٻا??رئ??ن کاتن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اميد هئي. نگران وز??راعظم پاڪستان جي سيڙپڪار دوست سوچ، مراعتن ۽ ڪاروبار ۾ آساني ۾ سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ون ونڊو پليٽ فارم جي ذريعي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي راهه ه??وا?? ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) متعارف ڪرائي جنهن جي صدارت هو پاڻ ڪري ٿو، انهن قدمن جو مقصد ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌائڻ، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جو روڊ ميپ ٺاهڻ آهي. نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي لاءِ حڪومت جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن ٻا??رئ??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻا??رئ??ن ملڪ رهندڙ واپارين کي پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. برطانوي پاڪستاني ڪاروباري اڳواڻن نگران وز??راعظم کي ٻا??رئ??ن ملڪ رهندڙن تائين پهچ تي کيس ساراهيو ۽ ملڪ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ سرگرمي سان ڪوشش ڪندي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري آپريشنز کي وڌائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو. هنن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت پاران ڪيل سڌارا ڊگهي مدي تائين جاري رهندا ۽ انهن نگران وز??راعظم کي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.