اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ قطر جي گڏيل مفاد جي لاءِ معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندو. ايوان ص??ر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قطري هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل (پائليٽ) سليم حماد عقيل النابت سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان ص??ر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ?? اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئ??. ص??ر چيو ته پاڪ – قطر لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند ڪاروباري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ بدلجڻ گ??رجي. هن چيو ته هن سال پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه ملهائي ويندي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندو. صدر گذريل سال جي ٻوڏ دوران انساني امداد فراهم ڪرڻ، مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مالي مدد تي قطر جا ٿورا مڃيا. صدر قطر کي فيفا 2022ع فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏن??. ص??ر قطري چيف آف اسٽاف کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز ملڻ تي پڻ مبارڪباد ڏن??. ص??ر ايوان ص??ر ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ ليفٽيننٽ جنرل (پائليٽ) سليم حماد عقيل النابت کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز پڻ عطا ڪيو. صدر اعزاز ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ ۾ ڪردار جي اعتراف ۾ عطا ڪيو.