اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنگلاديش سان ??عي??ت، ثقافت ۽ واپار ??ي شعبن ۾ تعاو?? وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جا وسيع امڪ??ن موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??نگلاديش ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سيد احمد معروف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته بنگلاديش ۾ نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته ??عي??ت، ثقافت ۽ واپار ??ي شعبن ۾ بنگلاديش سان تعاو?? وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ تاريخ رکندڙ آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد احمد معروف کي بنگلاديش ۾ بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد هاءِ ڪمشنر جي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.