بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چ??و آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪيو و??و آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس جي صدر لوآن رائيچينگ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي زرعي شعبي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪيو و??و آهي. پاڪستان نه رڳو زرعي پيداو??ر ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري ره??و آهي پر زرعي پيداوار جي پراسيسنگ ۽ روانگي واپ??ر ۾ به اضافي جي لاءِ قدم کڻي ره??و آهي. چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس (ڪوفڪو) جي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جي نگران وزيراعظم آجيان ڪئي.