راولپنڊي-22 نومبر (اي پي پي) ات?? وزيرستان جي علائقي رزمڪ ?? سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ديسي ساخته بم حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي بم حملي ۾ پاڪ فوج جو لانس نائيڪ احسان بادشاهه (عمر 33 سال، رهائشي ضلع ڪرڪ) ۽ لانس نائيڪ ساجد حسين (عمر 30 سال، رهائشي ضلع ڪرم) شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي ??اء?? سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ ??اء?? پر عزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم جي وڌيڪ مض??وط ڪن ٿيون.