دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪوپ – 28 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فن?? جي تيز رفتار فعاليت کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي ا?? اڳڀرائي کي ساراهيو آهي، ڪانفرنس جي ا??تتاحي سيشن جي پهرين ڪلاڪ ۾ حيران طور تي لاس اينڊ ڊيميج فن?? جي لاءِ 575 ملين ڊالر جا واعدا ڪيا ويا، ان ۾ يورپي يونين پاران 225 ملين ڊالر به شامل آهن. هي ڪوپ – 27 ۾ جي – 77 ۽ چائنا گروپ جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان جي ا??م ڪردار کانپوءِ اهم موقعو آهي، جتي هن لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جو ڪيس رکيو هو. گذريل هڪ سال دوران پاڪستان فن?? جي آپريشنلائيزيشن بابت سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ذميوار عبوري ڪميٽ?? جي ميمبر طور فعال طور تي مصروف عمل رهيو. اها ڪاميابي ڪمزور ملڪن تي موسمياتي تبديل?? جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿي. پاڪستاني وفد هڪ بيان ۾ عالمي برا??ري جي تيز رفتار ردعمل تي خوشي جو اظهار ڪيو جنهن موسمياتي مسئلن بابت چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ فنڊ جي ا??ميت کي تسليم ڪيو. وڌيڪ اهو ته اهو سنگ ميل هڪ گڏيل ڪوشش جي رڳو شروعات آهي ڇو ته عالمي برا??ري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ وڌندڙ ت??او?? جي فوري ضرورت تي زور ڏي ٿي. جيتوڻيڪ شروعاتي واعدن ۾ 575 ملين ڊالر ماليت جا اهم اعلان ٿيا آهن پر اهو تسليم ڪيو وڃي ٿو ته اهو ت??او?? آبهوا جي خطري ۾ ورتل ملڪن کي درپيش بي پناهه چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهٽ آهي. موسميات سان لاڳاپيل آفتن جي خطرن کي موثر طريقي سان گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جو انتظام ڪرڻ جي لاءِ اضافي مالي ا??داد ضروري آهي. ڪوپ – 28 جي جاري ڪارروائي ۾ قومن تي زور ڏنو وڃي ٿو ته اهي موسمياتي تبديل?? جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد جي لاءِ فنڊ کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي واعدن کي وڌيڪ اضافو ڪن. پاڪستان ان اهم مسئلي تي اسرندڙ ملڪن کي فعال طور تي شامل ڪرڻ ۽ انهن جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي لاس اينڊ ڊيميج فن?? جي موثر نفاذ ۽ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برا??ري سان ت??او?? تي ٻڌل ڪوششن جي لاءِ پرعزم آهي.