اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورت?? کي هراسمينٽ کا?? پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورت?? کي هراسان ڪندڙ ماحول ۽ رويو بدلائڻو پوندو، عوامي جاين، ڪم ڪار وارين جاين ۽ گهرن ۾ پڻ سازگار ماحول يقيني بڻائڻو پوندو. هو ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي، هراسمينٽ جي خاتمي واري وفاقي محتسب فوزيه وقار، اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر سليم الله، مختلف ملڪن جا سفارتڪار ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا نمائندا تقريب ۾ شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه معاشري ۾ تمام گهڻو بعد ۾ عورتن جي حقن جي ڳالهه ٿي آهي، 1400 سال اڳ حضور ﷺ ۽ قران پاڪ عورتن جا حق ٻڌ??يا هئا، جيڪڏهن اولهه سان ڀيٽ ڪريون ته اسان عورتن جو اهو وڃايل مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جيڪو 1400 سال اڳ قرآن ۽ سنت عورت?? کي ڏنو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا محمد علي جوهر ۽ شوڪت علي جي والده، امان بي جو ڪردار ڏسو يا قائداعظم محمد علي جناح جو رتي جناح کي گڏ کڻي هلڻ، پاڪستان قائم ٿيڻ کا??پوءِ محترمه فاطمه جناح ۽ پاڪستان جي سياست ۾ بينظير ڀٽو جهڙين عورتن جو ڪردار نمايان نظر اچي ٿو، پاڪستان جي اندر ارتقائي عمل جاري آهي، وقت سان گڏوگڏ عورتن جو مقام بلند ٿيندو آيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به شعبي کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي مالي ضرورتون هونديون آهن پر عورت?? کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اسا?? کي رڳو پنهنجي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورت?? کي هراسان ٿيڻ کا?? بچائڻ جي لاءِ رڳو 16 ڏينهن ڪافي نه آهي، عورت?? کي هراسمينٽ کا?? بچائڻ، بااختيار بڻائڻ، بريسٽ ڪينسر جي روڪٿام، ذهني بيمارين کا?? بچاءُ ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ اسا?? کي مسلسل پيغام پهچائڻو پوندو ان جو مثال اسان وٽ ڪوويڊ 19 جو آهي، ان وبا دوران پاڪستان بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي، ماسڪ پائڻ، فاصلو رکڻ ۽ احتياطي تدبيرن جي لاءِ هر گهر تائين پيغام پهچايوجنهن جا ثمر آيا ۽ پاڪستان دنيا جي انهن 5 ملڪن ۾ شامل آهي جنهن گهٽ جاني نقصانن سان گڏ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آندو. صدر چيو ته هر مشڪل بشمول جنگين ۾ به عورتن ۽ ٻارن جو سڀ کا?? وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو. غزه ۾ عورتن ۽ ٻار?? کي نشانو بڻايو ويو، ڪهڙو سبب آهي جو اهو ظلم عالمي برادري کي نظر نه اچي رهيو آهي، ڇو عالمي برادري عورتن ۽ ٻارن جي قتل عام تي خاموش آهي. هن چيو ته عورت?? کي هراسان ٿيڻ کا?? بچائڻ جي لاءِ ميڊيا جو پڻ اهم ڪردار آهي جهڙي طرح پي ٽي اي هڪ سال ۾ ساڍا 14 ڪروڙ ميسجز موڪليا آهن، اهڙي طرح هراسمينٽ جي خاتمي جي حوالي سان پڻ گهر گهر تائين پيغام پهچائڻو پوندو. ڊرامن، فلمن، ڊاڪيومينٽريز جي ذريعي عورت?? کي هراسان ٿيڻ کا?? بچائڻ ۽ بااختيار بڻائڻ جو پيغام ڏيڻو پوندو. اهو به يقيني بڻائڻو پوندو ته عوامي جاين، ڪار ڪار وارين جاين ۽ گهر جي اندر به عورت?? کي هراسمينٽ کا?? پاڪ ماحول ميسر آهي. هن چيو ته اسان جو مذهب، قائداعظم جا افڪار اسا?? کي اهو سبق ڏين ٿا ته عورت?? کي بااختيار بڻائي ملڪ کي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو وڃي، ان تي عملدرآمد کي تيز کا?? تيز تر ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته سپريم ڪورٽ عورت?? کي هراسان ڪرڻ جي حوالي سان وڌيڪ تشريح ڪئي آهي، ان ۾ صنفي هراسمينٽ ڪم ڪار وارين جاي?? کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن مثال ڏنو ته عورت?? کي هراسان ڪرڻ بابت اپيلن جي ٻڌڻي پاڻ به ڪندو آهيان ۽ تفصيلي جائزو وٺندو آهيان، اهو چيو وڃي ٿو ته ڪي ٺوس ثبوت نه آهن پر منهنجي ويجهو اهي شيون ان وقت تائين سامهون اچي چڪيون هونديون آهن، ان کا??پوءِ آڊيو يا وڊيو ثبوت لازمي نه ٿو رهي. ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ جي خاتمي واري وفاقي محتسب فوزيه وقار چيو ته آئين عورتن جي حفاظت، بااختيار بڻائڻ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت جو حق ڏي ٿو، عوامي جاين ۽ ڪم ڪار وارين جاين تي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. وفاقي محتسب کي ٻن سالن دوران 5 هزار درخواستون مليون آهن، سادي ڪاغذ تي درخواست ۽ انتقامي ڪارروائي کا?? تحفظ جي سهولت فراهم ڪرڻ تي عورتن ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ تي بنا ڪنهن خوف اسان سان رابطو ڪن ٿيون، جيستائين عورتون مطمئن ۽ فيصلن تي عملدرآمد نه ٿو ٿئي تيستائين درخواست نه ٿي اڪلائي وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سليم الله چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان عورتن جي بئنڪنگ سسٽم تائين پهچ ۽ حصو بڻجڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ٽن سالن دوران عورت?? کي ڊيجيٽل فنانسنگ جي حوالي سان انهن جي درن تي وڃي تربيت ڏني آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته بي آئي ايس پي سان گڏجي 9.3 ملين عورتن جا اڪائونٽ کولر??يا وڃن. اسان جي عملي قدمن سان هن وقت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 18 سيڪڙو عورتون مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن هر سال ان ۾ اضافو پڻ ٿيندو. هن چيو ته عورتن جي مالياتي نظام ۾ شموليت ۽ په?? کي آسان بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. تقريب دوران زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن جي عملي زندگي، ڪم ڪار وارين جاين تي خدمتن دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ موثر انداز بابت پليٽ فارم تي آواز اٿارڻ تي ٻڌل ڪاميابين تي ٻڌل دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي جنه?? کي شرڪت ڪندڙن خوب ساراهيو.