اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شطرنج جي راند کي پاڪستان ۾ مقامي سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ش??رنج جي مقبوليت لاءِ مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن ۽ شطرنج جي عالمي تنظيمن ۽ نجي شعبي سان ??صيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عالمي شطرنج فيڊريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته شطرنج جي سرپرستي ۽ فروغ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، شطرنج جا مقابلا منعقد ڪرڻ سان ??اند جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي ٿي. صدر ملڪ ۾ ش??رنج سميت صحتمند سرگرمين کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته شطرنج جا ذهني ۽ تعليمي فائدا آهن، تعليمي نظام ۾ ش??مل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شطرنج ذهني ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ ذهني صلاحيتون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. وفد صدر کي دنيا ۾ ش??رنج جي فروغ ۾ عالمي شطرنج فيڊريشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ان ڳالهه کان ??گاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ ش??رنج بابت سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ۾ ما??هن جو وڏو انگ شطرنج جي راند کي پسند ڪري ٿو. وفد چيو ته شطرنج کي اسڪولن ۾ پرائمري سطح تي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شطرنج جا رانديگر شطرنج جي عالمي مقابلن ۾ آن لائين پڻ حصو وٺي سگهن ٿا. وفد ۾ عالمي شطرنج فيڊريشن جو صدر ۽ روس جو اڳوڻو نائب وزيراعظم آرڪا ڊي ڊورڪووچ، ايش??ن شطرنج فيڊريشن جو صدر ۽ گڏيل عرب امارات ۾ مرحوم صدر جو پٽ شيخ سلطان ??ن خليفه النهيان، عالمي شطرنج فيڊريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ??انا ريزنيز اوزولا، برطانوي شطرنج جي گرينڊ ماسٽر ??اڪٽر نائجل شارٽ، ايش??ن شطرنج فيڊريشن جو سيڪريٽري جنرل هشام الطاهر، پاڪستان ??طرنج فيڊريشن جو سرپرست اعليٰ جوهر سليم، عالمي شطرنج فيڊريشن جا ميمبر، ايشين چيس فيڊريشن، پاڪستان ??طرنج فيڊريشن، اسلام آباد اسڪريبل ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان ??سڪريبل ايسوسيئيشن جا ميمبر شامل هئا.