اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن پش??ن ضلعي ۾ ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ميڊيا ۽ مانيٽرنگ ٽيمن ج?? رپورٽن موجب بلوچستان ج?? ضلعي پش??ن پي بي 47 ۾ سياسي پارٽي جي آفيس ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ج?? فوت ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان ک??ن فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.