اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاڪستان ۾ ايندڙ ع??م چونڊن جي حوالي سان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي ريمارڪس تي ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان هڪ جامع جمهوري عمل کي فروغ ڏيڻ، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي تحفظ جي لاءِ پوري طرح پر??زم آهي جنهن جي ضمانت ان جي قانونن ۽ آئين ۾ ڏني وئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب جاري بيان ۾ ??ن چيو ته پاڪستان جي چ??نڊ قانونن موجب 8 فيبروري تي چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي پلانز کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ??ن چيو ته اسان جو عدالتي نظام منصفاڻو ٽرائل ۽ مباسب عمل فراهم ڪري ٿو، چونڊ ??مل ۾ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ ملڪي قانونن جي ذريعي انهن جو قانوني حل موجود آهي.