اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اومان جي سل??ان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم اومان ۽ پاڪستان جي و?? ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ مختلف شعبن ۾ موجود تعاون جي وسيع صلاحيت تي روشني و??ي. وزيراعظم پاڪ – اومان اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ ۽ مضبوطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم مسلمان امت جي و?? ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فروغ سان گڏوگڏ اسرائيل پاران معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. سل??ان حاتم بن طارق وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي تعاون جي ثمرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي و??يڪ مضبوطي جي لاءِ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اوماني سل??ان کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سل??ان حاتم بن طارق پڻ وزيراعظم کي اومان جي دوري جي دعوت ڏني.