اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي سان ايراني گهرو و??ير ڊاڪٽر احمد وحيدر ۽ ايراني قانون واري و??ير امين حسين رحيمي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سيڪيورٽي تعاون، دهشتگرديءَ جي خاتمي، اسمگلنگ، بارڊر مئنجمينٽ، پاڪستاني زائرين لاءِ سهولتون ۽ قيدين جي مٽاسٽا سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي گهرو و??ير چيو ته ايراني صدر جو دؤرو پاڪستان ٻه طرفن ناتن جي حوالي سان انتهائي اهم آ??ي، پاڪستاني قوم ايراني صدر ۽ ان جي وفد جو پاڪستان ۾ آڌرڀاءُ ڪري ٿو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن طرفان دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي?? ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل تي اتفاق ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گڏيل معاونت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ انٽيليجنس ڄاڻ جي مٽاسٽا تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي معاهدي تي جلد کان جلد صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ايراني گهرو و??ير ان سلسلي ۾ پاڪستاني هم منصب کي ايران جي دؤري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي عراقي هم منصب کي به دعوت ڏني ويندي. گهرو و??ير ايران جي دؤر جي دعوت تي پنهنجي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو?? ٻنهي طرفن جي قيدين جا ڏنڊ معاف ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو و??ير چيو ته اسملنگ ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي نقصان جو سبب آ??ي، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ بارڊر مئنجمينٽ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل واپاري رابطن کي هٿي ملندي. ايراني و??ير چيو ته پاڪستان بارڊر جي فينسنگ جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو آهي. گهرو و??ير ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني مؤقف جي تائيد تي ايراني حڪومت جو ٿورو م??يو. ايراني هم منصب ڊاڪٽر احمد وحيدي ۽ ايراني قانون واري و??ير امين حسين رحيمي پاڪستان جي دؤري تي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي گهرو و??ير جو ٿورو م??يو.