اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ترقي رکندڙ منصوبا آندا وڃن، سمورن وڏن قومي ترقياتي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ??يليڊيشن لازمي ٿيندي، ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان منصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا پي ايس ڊي پي پروگرامز جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزو?? جوڙي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منصوبابندي واري و??ار?? ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي معاملن تي اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ اهڙا منصوبا آندا وڃن جنهن سان ملڪ جي پائيدار ترقي ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن وڏن قومي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ??يليڊيشن ڪرائي وڃي. هن وزيراعظم جي ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اها ڪميٽي ??ي ايس ڊي پي پروگرام جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزو?? جوڙيندي. وزيراعظم پي ايس ڊي پي پروگرامز ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي ۽ رابطا بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورين وفاقي و??ار??ن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي وار?? وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وار?? وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقصادي معاملن وار?? وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم وار?? وفاقي وزير مصدق ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.