بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناڻي واري وزير لان فوآن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي ناڻي واري وزير پاڪ چين مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو مظهر قرا?? ڏنو. هن خاص طو?? تي ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ڏس ۾ مال?? تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني ناڻي واري وزير ??اڪ??تان جي معيشت جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي ??اڪ??تان جي اقتصادي ايجنڊا کي ساراهيو ۽ مالي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ چين جي ??اڪ??تان جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ نائب وزيراعظم ج?? تعاون کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ گورننس، روينيو ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي ??اڪ??تان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو. هن چين مان سيڙپڪاري کي ??اڪ??تان جي ترجيح طو?? تي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ جن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي انهن ۾ زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي جا شعبا شامل آهن.