اسلام آباد – 04 – جون (اي پ?? پي) پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمت جي 16 يادداشتن تي ص??يحون ٿيند??ون. چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل ??اشمي، سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري پاڪستان چين بزنس ڪانفرنس جي حوالي سان بريفنگ ڏ??ي. پلاننگ ڪميشن پاران جاري بيان موجب پاڪستاني سفير خليل ??اشمي چيو ته چيني ڪمپنين بزنس ڪانفرنس ۾ تمام گهڻي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، هي هڪ غيرمعمولي ايونٽ آهي، چين جي 700 ناليواري ڪاروباري شخصيتن فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪيو آهي. خليل ??اشمي چيو ته افتتاحي اجلاس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم خطاب ڪندو، افتتاحي اجلاس کانپوءِ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون شيڊيول آهن. خليل ??اشمي چيو ته وزيراعظم جي افتتاحي اجلاس کان اڳ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ٿيندي. سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري چيو ته افتتاحي اجلاس ۾ شمسي توانائي جي امڪانن، گوادر بندرگاهه ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ماحول جي موضوعن تي بريفنگ ڏ??ي ويندي، پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ 16 مفاهمت جي يادداشتن تي ص??يحون ٿيند??ون.