اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته فرٽيلائ??زر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ماڊل سينٽرن جي شروعات ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل فرٽيلائ??زر رويو ڪميٽي جي اجلا?? کي خطاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ اگهن جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ڀاڻ ڪمپنين طرفان هر ضلعي ۾ ماڊل سينٽر کوليا ويندا ۽ هاري اصل اگهه تي ڀاڻ خريد ڪري سگهندا. حڪومتي قدمن سان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته فوجي فرٽيلائ??زر ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن د??ران ماڊل سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. ا??نگ??و فرٽيلائ??زر ڪمپني ترجيحي بنيادن تي ماڊل سينٽر جي قيام جون تجويزون ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.