اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار 7 آگسٽ تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ويندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس فلسطين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي درخواست تي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن فلسطين ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي. بيان موجب فلسطيني ڪاز جي زبردست حامين مان هڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان سدائين او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمز تي پنهنجو آواز اٿ??رڻ ۾ سڀ کان اڳتي رهيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غيرمعمولي اجلاس ۾ نائب ??زي??اعظم غزه ۽ وچ اوڀر جي وسيع تر خطي جي خراب صورتحال تي پاڪستان جا سنجيده خ??شا پيش ڪندو، هو امن جي فوري ضرورت ۽ غزه جي ماڻهن کي امداد جي فراهمي تي زور ڏيندو. ان موقعي تي نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.