لاڙڪاڻو-21 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو ک??ن ايران ويندڙ زائرين جي ڪوچ سا?? ايران جي شهر يزد ۾ خوفناڪ حادثو پيش اچڻ سبب 31 کان و??يڪ زائرين شهيد ۽ 20 کان و??يڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سا?? رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. لاڙڪاڻي کان سيد اطهر شاهه شمسي جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل زائرين جي ڪوچ ايران جي شهر يزد ۾ بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪلٽي ٿي پ??ي. شروعاتي ڄاڻ موجب ڪوچ ۾ 55 ڄڻن سميت ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر سوار هئا. حادثي جي نتيجي ۾ 31 کان و??يڪ زائرين موقعي تي ئي دم ڏنو. جڏهن ته 20 کان و??يڪ زائرين سخت زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پ??ي وڃي. ايراني انتظاميه جي ايمرجنسي ريسڪيو ٽيم موقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي ڪوچ هيٺيان ڪڍي ??سپ??ال منتقل ڪيو جتي فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ٻئي پ??سي ٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي ڪوچ سا?? ٿيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، ايران روڊ حادثي ۾ شهيدن جي وارثن سا?? تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. ان کان اڳ حادثي بابت وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهي ڏني وئي ته لاڙڪاڻو ک??ن 50 کان 55 زائرين جي بس کي ايران جي شهر يزد ۾ حادثو پيش آيو آهي جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سا?? رابطي ڪرڻ ۽ حادثي ۾ فوت ٿي ويل جا لاش آڻڻ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي پ??ڏيهي وزارت سا?? رابطي ۽ پرڏيهي وزارت سا?? لاشن جي واپسي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون و??ن، واپسي لاءِ سفري سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.