اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري چيو آهي ته ده??تگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ ا??هن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? آصف علي زرداري لاهور ۾ ڪيپٽن محمد علي قريشي شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪيپٽن محمد علي قريشي گذريل ڏي??هن بلوچستان ۾ شهيد ٿي ويو هو. صد?? آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قريشي شهيد جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. صد?? آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قريشي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون همدرديون شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. هن چيو ته ده??تگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ ده??تگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿي. صد?? چيو ته ده??تگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين. صد?? آصف علي زرداري شهيد ڪيپٽن جي گهرڀاتين جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته قوم شهيدن ۽ ا??هن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صد?? آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قريشي جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.