اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنجگور ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ جي مذمت ڪندي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سب انسپيڪٽر شڪيل احمد کي خراج ??قيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيد سب انسپيڪٽر شڪيل احمد جي گهرڀات??ن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن سب انسپيڪٽر شڪيل احمد جي فرض سان لگن ۽ قرباني کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيد جي گهرڀات??ن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ گهرڀاتين جي ل??ءِ صبر جميل جي دع?? ڪئي.